ماڙيپور(ڪراچيءَ) ۾ راماپير مندر ۽ هنومان مندر

ماڙيپور(ڪراچيءَ) ۾ راماپير مندر ۽ هنومان مندر

راماپير مندر ۽ هنومان مندر ماڙيپور

راماپير مندر ۽ هنومان مندر ماڙيپور: هي قديمي مندر آهن، جيڪي راماپير ۽ هڙمان مندر جي نالن سان ڪراچيءَ ۾ ماڙيپور ويندڙ رستي جي کاٻي هٿ تي مهيشورين جي آباديءَ ۾ آهن. راماپير ۽ هنومان جا مندر پراڻا مندر آهن. مندرن جي آسپاس هتان جي ماڻهن قبضا ڪري گھر ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ مندرن کي هڪ ڪمري تائين محدود ڪيو ويو آهي. انهن تي ڪابه خوبصورت عمارت وغيره اڏيل نه آهي. ماڙيپور روڊ تي گريس موسيٰ محلو، جيڪو ماڙيپور کان اڳ جو علائقو آهي، جتي تازو راماپير جو مندر ٺاهيو ويو آهي، جنهن سان گڏ مندر واري چارديواريءَ ۾ هڪ سوڙهي ڪمري ۾ هنومان جو مندر به ٺاهيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو